زخرف سورة

زخرف (سورة): هيءُ قرآن پاڪ جي ٽيتاليهين (43) سورة آهي. هن سورة ۾ ست رڪوع ۽ 89 آيتون آهن. هيءُ سورة مڪي ۾ نازل ٿي. زخرف جي معنيٰ سون آهي. ماڻهو گھڻو ڪري دنياوي شين سون، چاندي ۽ دولت جي پٺيان ڊڪندا آهن، جڏهن ته الله تعاليٰ وٽ انهن شين جي ڪابه اهميت نه آهي. هن سورة جي پهرئين رڪوع ۾ مڪي جي ڪافرن کي خطاب ڪيو ويو آهي ته اهي پنهنجي شرارتن ۽ غلط ارادن ذريعي چاهين ٿا ته ڪهڙي به نموني قرآن پاڪ کي نازل ٿيڻ کان روڪي سگھجي، پر ڪڏهن ايئن ٿيو آهي، ته الله تعاليٰ مخالفن جي ڪري، نبين کي پيغام پکيڙڻ ۽ ڪتاب جي نزول کان روڪيو هجي؟ پر اهي دشمن ئي ختم ٿي ويا، جيڪي نبين جي جانين جا دشمن هئا. ان ڪري اهي اهو نه سمجھن ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جي جان ختم ڪري سڪون سان رهندا. ٻئي رڪوع ۾ شرڪ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته شرڪ لاءِ نه ڪو عقلي دليل آهي، نه نقلي. ٽئين رڪوع ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهو چاهين ٿا ته رسول الله صلي الله عليه وسلم مالدار هجي، پر هن جي نظر ۾ مال جي ڪابه اهميت نه آهي. چوٿين رڪوع ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي مخالفت جي سزا جو ذڪر آهي. پنجين رڪوع ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي اهميت فرعون جي مثال سان واضح ڪئي وئي آهي. ڇهين رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي قوم به رسول الله صلي الله عليه وسلم جي مخالفت ڪري الله جي نظرن ۾ ڪري پئي آهي. آخري رڪوع ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي مخالفن جو ڌيان ان پاسي ڇڪرايو ويو آهي ته انهن لاءِ دنيا توڙي آخرت ۾ ناڪامي آهي. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا. ص؛ 980)


هن صفحي کي شيئر ڪريو